يوحنا 9:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جيئن عيسيٰ رستي سان پئي ويو تہ ھن ھڪ اھڙو ماڻھو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو ھو.

2. ھن جي شاگردن کانئس پڇيو تہ ”استاد! ڪنھن جي گناھہ جي ڪري ھو انڌو ڄائو؟ ڇا ھن جي پنھنجي گناھہ جي ڪري يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سبب؟“

3. عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھن جي انڌائپ جو ھن جي گناھہ سان يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. ھو انھيءَ ڪري انڌو آھي تہ جيئن ھن مان خدا جا ڪم ظاھر ٿين.

يوحنا 9