2. ۽ صبح جو سوير وري ھيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻھو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ ھو ويھي کين تعليم ڏيڻ لڳو.
3. شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھڪڙي عورت کي آندو جنھن کي زنا ڪندي پڪڙيو ھئائون، تنھن کي وچ ۾ بيھاري
4. عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! ھيءَ عورت زنا ڪندي پڪڙي ويئي آھي.
5. شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آھي تہ اھڙن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. ھاڻي تون ھن بابت ڇا ٿو چوين؟“
6. انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.
7. جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“
8. وري بہ ھو نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.