يوحنا 7:45-49 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

45. جڏھن پھريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاھنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوھين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“

46. پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“

47. تنھن تي فريسين کين چيو تہ ”اوھين بہ گمراھہ ٿي ويا آھيو ڇا؟

48. ڇا سردارن ۽ فريسين مان ڪنھن بہ مٿس ايمان آندو آھي؟

49. پر ھي ماڻھو جن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آھي، سي خدا جا پٽيل آھن.“

يوحنا 7