يوحنا 7:42-53 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

42. پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيت⁠لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“

43. سو ھن جي ڪري ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي.

44. ڪي ماڻھو کيس پڪڙڻ پيا چاھين، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو.

45. جڏھن پھريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاھنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوھين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“

46. پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“

47. تنھن تي فريسين کين چيو تہ ”اوھين بہ گمراھہ ٿي ويا آھيو ڇا؟

48. ڇا سردارن ۽ فريسين مان ڪنھن بہ مٿس ايمان آندو آھي؟

49. پر ھي ماڻھو جن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آھي، سي خدا جا پٽيل آھن.“

50. نيڪديمس، جيڪو اڳي عيسيٰ وٽ آيو ھو ۽ حاڪمن مان ھڪڙو ھو، تنھن چين تہ

51. ”شريعت موجب اسين ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سزا ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين سندس ڳالھيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ ھو ڇا ٿو ڪري.“

52. انھن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آھين ڇا؟ پاڪ لکتون پڙھہ تہ تو کي خبر پوي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻو نہ آھي.“

53. پوءِ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ڏانھن ھليو ويو.

يوحنا 7