يوحنا 7:39-46 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

39. ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.

40. ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻھن سندس اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”سچ⁠پچ ھي ماڻھو اھو ئي نبي آھي، جيڪو اچڻو آھي.“

41. ڪن چيو تہ ”ھو مسيح آھي.“ پر ٻين وري چيو تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟

42. پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيت⁠لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“

43. سو ھن جي ڪري ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي.

44. ڪي ماڻھو کيس پڪڙڻ پيا چاھين، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو.

45. جڏھن پھريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاھنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوھين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“

46. پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“

يوحنا 7