يوحنا 7:37-50 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

37. عيد جو آخري ڏينھن، جيڪو خاص ڏينھن آھي، انھيءَ ڏينھن تي عيسيٰ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آھي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.

38. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻيندو، تنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’سندس اندر مان زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وھنديون.‘“

39. ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.

40. ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻھن سندس اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”سچ⁠پچ ھي ماڻھو اھو ئي نبي آھي، جيڪو اچڻو آھي.“

41. ڪن چيو تہ ”ھو مسيح آھي.“ پر ٻين وري چيو تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟

42. پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيت⁠لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“

43. سو ھن جي ڪري ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي.

44. ڪي ماڻھو کيس پڪڙڻ پيا چاھين، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو.

45. جڏھن پھريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاھنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوھين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“

46. پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“

47. تنھن تي فريسين کين چيو تہ ”اوھين بہ گمراھہ ٿي ويا آھيو ڇا؟

48. ڇا سردارن ۽ فريسين مان ڪنھن بہ مٿس ايمان آندو آھي؟

49. پر ھي ماڻھو جن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آھي، سي خدا جا پٽيل آھن.“

50. نيڪديمس، جيڪو اڳي عيسيٰ وٽ آيو ھو ۽ حاڪمن مان ھڪڙو ھو، تنھن چين تہ

يوحنا 7