يوحنا 7:22-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

22. موسيٰ اوھان کي طھر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، پر حقيقت ۾ اھو موسيٰ جي طرفان نہ بلڪ اوھان جي ابن ڏاڏن جي طرفان آھي. تنھنڪري اوھين سبت جي ڏينھن تي بہ پنھنجن ٻارن جا طھر ڪرائيندا آھيو.

23. جيڪڏھن سبت جي ڏينھن تي ڪنھن ڇوڪري جي طھر ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو ڪاوڙيا آھيو جو مون ھڪڙي ماڻھوءَ کي سبت جي ڏينھن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي؟

24. منھن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر پورو پورو انصاف ڪريو.“

25. انھيءَ مھل يروشلم جا ڪي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي اھو ماڻھو تہ نہ آھي جنھن کي ھو مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن؟

26. ڏسو، ھو تہ کُلي عام ڳالھائي رھيو آھي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا حاڪم سچ⁠پچ اھو سمجھن ٿا تہ ھو مسيح آھي؟

27. پر جڏھن مسيح ايندو تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوندي تہ ھو ڪٿان آيو آھي ۽ اسان سڀني کي خبر آھي تہ ھيءُ شخص ڪٿان آيو آھي.“

28. پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.

29. مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“

30. تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.

31. انھن ماڻھن مان ڪيترن ئي مٿس ايمان آندو ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏھن مسيح ايندو تہ اھو ھن کان وڌيڪ معجزا ڪندو ڇا؟“

32. فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سس⁠پس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين.

33. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان سان اڃا ٿورو وقت رھندس ۽ پوءِ آءٌ انھيءَ ڏانھن موٽي ويندس جنھن مون کي موڪليو آھي.

34. اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي ڪين سگھندا ۽ جتي آءٌ ھوندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا.“

35. يھودي اڳواڻ ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڪيڏانھن ويندو جو اسين کيس لھي نہ سگھنداسين؟ ڇا ھو يونان جي شھرن ڏانھن ويندو، جتي اسان جا يھودي وڃي رھيا آھن ۽ اتي ھو يونانين کي تعليم ڏيندو؟

36. ڀلا ھو جيڪي چوي ٿو تہ ’اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي نہ سگھندا ۽ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ھوندس،‘ تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“

37. عيد جو آخري ڏينھن، جيڪو خاص ڏينھن آھي، انھيءَ ڏينھن تي عيسيٰ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آھي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي.

يوحنا 7