1. ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِجو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.
2. يھودين جي تنبن واري عيد ويجھي ھئي،
3. تنھنڪري عيسيٰ جي ڀائرن کيس چيو تہ ”ھتان نڪري يھوديہ ڏانھن ھليو وڃ، جتي تنھنجا شاگرد تنھنجا ھي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رھيو آھين.
4. ڇالاءِجو جيڪو مشھور ٿيڻ چاھيندو آھي سو پنھنجا ڪم نہ لڪائيندو آھي. جيئن تہ تون بہ اھي ڪم ڪري رھيو آھين، سو ڀل تہ سڄي دنيا تو کي ڏسي.“
5. ڇاڪاڻتہ سندس ڀائرن جو بہ مٿس ايمان نہ ھو.
6. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي، پر اوھان جو وقت تہ سدائين آھي.
7. دنيا اوھان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اھا مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِجو آءٌ کيس ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سندس ڪم بڇڙا آھن.
8. اوھين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ ھن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻتہ منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي.“
9. اھي ڳالھيون چوڻ کان پوءِ ھو اتي ئي گليل ۾ رھي پيو.