29. عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جو ڪم اھو آھي تہ اوھين انھيءَ تي ايمان آڻيو، جنھن کي خدا موڪليو آھي.“
30. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”پوءِ اوھين اسان کي ڪھڙو معجزو ٿا ڏيکاريو، جنھن کي ڏسي اسين اوھان تي ايمان آڻيون؟ اوھين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟
31. اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻپٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي. جيئن لکيل آھي تہ ’ھن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“