15. انھيءَ عورت چيو تہ ”پوءِ اي سائين! مون کي اھو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري ھيترو پنڌ ڪري ھتي پاڻي ڀرڻ اچان.“
16. عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنھنجي مڙس کي وٺي اچ.“
17. تنھن تي عورت چيو تہ ”مون کي تہ مڙس آھي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونھي.
18. ڇالاءِجو تون پنج مڙس ڪري چڪي آھين ۽ ھاڻي جنھن شخص وٽ تون رھين ٿي، سو تنھنجو مڙس نہ آھي.“
19. عورت چيس تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوھين ڪي نبي آھيو.
20. اسان جا وڏا تہ ھن جبل تي عبادت ڪندا ھئا، پر اوھين يھودي چئو ٿا تہ ’جنھن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آھي.‘“
21. عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن اوھين پيءُ جي عبادت نہ ھن جبل تي ۽ نڪي يروشلم ۾ ڪندا.
22. اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِجو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي.
23. پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو.
24. خدا روح آھي ۽ عبادت ڪندڙن کي بہ روح ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪرڻ گھرجي.“
25. تنھن تي عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ مسيح اچڻو آھي. جڏھن اھو ايندو تڏھن اسان کي سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو.“
26. عيسيٰ چيس تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالھايان.“
27. ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اھو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ ھو عورت ذات سان ويٺو ڳالھائي. پر انھن مان ڪنھن بہ انھيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”توھين ھن سان ڇو ٿا ڳالھايو؟“