يوحنا 3:9-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

9. تنھن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اھو ڪيئن ٿي سگھندو؟“

10. عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟

11. آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري.

12. آءٌ اوھان کي ھن دنيا جون ڳالھيون ٿو ٻڌايان، پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻيندا جڏھن آءٌ اوھان کي آسمان جون ڳالھيون ٻڌائيندس؟

13. ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“

14. جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،

15. انھيءَ لاءِ تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي تنھن کي دائمي زندگي ملي.

16. ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.

17. خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.

يوحنا 3