11. آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري.
12. آءٌ اوھان کي ھن دنيا جون ڳالھيون ٿو ٻڌايان، پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻيندا جڏھن آءٌ اوھان کي آسمان جون ڳالھيون ٻڌائيندس؟
13. ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابنآدم.“
14. جيئن موسيٰ رڻپٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابنآدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،
15. انھيءَ لاءِ تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي تنھن کي دائمي زندگي ملي.
16. ڇالاءِجو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.
17. خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.
18. جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِجو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.
19. سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِجو سندن ڪم بڇڙا ھئا.
20. جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِجو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين.
21. پر جيڪو سچ تي ھلي ٿو سو روشنيءَ ڏانھن اچي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاھر ٿين، جيڪي ھن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آھن.
22. ھن کان پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يھوديہ جي علائقي ۾ آيا. ھو اتي انھن سان ڪجھہ وقت رھيو ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو.
23. يحيٰ بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رھيو ھو، ڇاڪاڻتہ اتي پاڻي گھڻو ھو. ماڻھو وٽس آيا پئي ۽ ھن کين بپتسما پئي ڏني.
24. ان وقت تائين يحيٰ کي جيل ۾ نہ وڌو ويو ھو.
25. يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو.
26. اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“
27. تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.
28. اوھين خود شاھدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو ھو تہ ’آءٌ مسيح نہ آھيان، پر آءٌ انھيءَ کان اڳ موڪليل آھيان.‘
29. گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.