41. جتي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو، اتي ھڪڙو باغ ھو. انھيءَ باغ ۾ غار واري ھڪڙي نئين قبر کوٽيل ھئي جنھن ۾ اڃا تائين ڪنھن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو ھو.
42. جيئن تہ انھيءَ ڏينھن يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو تنھنڪري عيسيٰ کي کڻي اتي ئي دفن ڪيائون، ڇالاءِجو اھا قبر ويجھي ھئي.