13. ھاڻي آءٌ تو وٽ اچي رھيو آھيان. پر جيستائين آءٌ دنيا ۾ آھيان تيستائين اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن انھن جي دلين ۾ منھنجي خوشي پوري ٿئي.
14. مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِجو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.
15. منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.
16. جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان تيئن اھي بہ دنيا جا نہ آھن.
17. انھن کي سچ جي وسيلي مخصوص ڪر. تنھنجو ڪلام سچ آھي.
18. جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي.
19. انھن جي خاطر آءٌ پاڻ کي مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اھي سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.
20. آءٌ رڳو انھن لاءِ دعا نہ ٿو گھران، پر انھن لاءِ بہ دعا گھران ٿو جيڪي سندن تعليم جي وسيلي مون تي ايمان آڻيندا،
21. انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.
22. اھو جلوو جو تو مون کي ڏنو آھي سو مون کين ڏنو آھي، تہ جيئن اھي گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ ھڪ آھيون.
23. يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.