23. جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ پيءُ اوھان کي اھو سڀ ڪجھہ ڏيندو، جيڪو اوھين کانئس منھنجي نالي تي گھرندا.
24. ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“
25. ”ھن وقت تائين مون اوھان کي اھي ڳالھيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آھي، پر اھو وقت ايندو جڏھن آءٌ اوھان سان مثالن ۾ نہ ڳالھائيندس، پر اوھان سان پيءُ بابت صاف صاف ڳالھائيندس.
26. انھيءَ ڏينھن اوھين منھنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوھان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوھان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس،
27. ڇالاءِجو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.
28. آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“
29. تنھن تي شاگردن کيس چيو تہ ”ھاڻي تہ اوھين صاف صاف ڳالھائي رھيا آھيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالھايو.
30. ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“
31. تنھن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوھين ھاڻي ايمان آڻيو ٿا؟
32. تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻتہ پيءُ مون سان گڏ آھي.
33. مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“