7. جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو.
8. اوھان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو ۽ انھيءَ ڳالھہ مان منھنجي پيءُ جو جلوو ظاھر ٿئي ٿو.
9. جيئن پيءُ مون سان پيار ڪيو آھي، تيئن مون بہ اوھان سان پيار ڪيو آھي. ھاڻي اوھين منھنجي پيار ۾ رھو.
10. جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.
11. مون اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري اوھان کي ٻڌايون آھن تہ جيئن منھنجي خوشي اوھان ۾ ھجي ۽ اوھان جي خوشي پوري ٿئي.