يوحنا 14:15-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. ”جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.

16. آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس ۽ ھو اوھان کي ھڪ ٻيو مددگار ڏيندو جيڪو ھميشہ اوھان سان رھندو،

17. يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.

يوحنا 14