يوحنا 11:17-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. جڏھن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس معلوم ٿيو تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري چڪا آھن.

18. بيت⁠عنياہ يروشلم کان ٽي ڪلوميٽر بہ پري نہ ھو.

19. سو ڪيترائي يھودي مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا ھئا.

20. جڏھن مارٿا ٻڌو تہ عيسيٰ اچي رھيو آھي تہ ھوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي پر مريم گھر ۾ ئي ويٺي رھي.

يوحنا 11