يوحنا 10:22-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

22. يروشلم ۾ عيد تجديد ھئي ۽ اھا سياري جي موسم ھئي.

23. عيسيٰ ھيڪل جي سليماني ڏيڍيءَ ۾ گھمي رھيو ھو

24. تہ ماڻھو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ اسان کي صاف سچ ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح آھين؟“

25. عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو آھي، پر اوھان ايمان نہ ٿا آڻيو. جيڪي ڪم آءٌ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين.

يوحنا 10