1. اوھان ۾ جنگيون ۽ جھيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انھن عيش عشرت وارين خواھشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوھان جي عضون ۾ فساد پيدا ٿيون ڪن؟
2. اوھين ڪنھن شيءِ جي خواھش تہ ڪريو ٿا، پر مليوَ ڪجھہ بہ ڪونہ ٿو. اوھين خون ٿا ڪريو، لالچ ٿا ڪريو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. اوھين جھيڙا ۽ جنگيون ٿا ڪريو، پر اوھان کي ڪجھہ بہ ھٿ نہ ٿو اچي، ڇالاءِجو اوھين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.
3. جڏھن اوھين گھرو ٿا تڏھن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇوتہ اوھين بري نيت سان ٿا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.