3. ھاڻي جيڪڏھن اوھين عمدي پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”تون ھِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويھہ،“ پر ھن غريب ماڻھوءَ کي چئو تہ ”تون ھُتي بيھہ،“ يا ”ھِتي منھنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويھي رھہ،“
4. تڏھن ڇا اوھان پاڻ ۾ طرفداري نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوھين بري نيت وارا منصف نہ ٿيا؟
5. منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟
6. پر اوھان غريبن کي بيعزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟
7. ڇا ھو اھي ئي نہ آھن، جيڪي انھيءَ عزت واري نالي بابت ڪفر ٿا بڪن، جنھن سان اوھين سڏيا ٿا وڃو.
8. تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”پنھنجي پاڙيسريءَ سانپاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.
9. پر جيڪڏھن اوھين طرفداري ٿا ڪريو تہ گناھہ ٿا ڪريو ۽ شريعت اوھان کي ڏوھاري ثابت ڪري ٿي.
10. ڇالاءِجو جيڪو ساري شريعت تي عمل ڪري ٿو، پر رڳو ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ خطا ٿو ڪري تہ اھو ساري شريعت جي ڀڃڪڙي ڪري ڏوھي ٿيو.
11. ھن ڪري جو جنھن چيو آھي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنھن ھيئن بہ چيو آھي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏھن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو ڏوھاري ٿي چڪين.
12. اوھان جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھلت چلت انھن ماڻھن وانگر ھجي، جن جو آزادي ڏيندڙ شريعت جي وسيلي انصاف ٿيڻو آھي.
13. ڇالاءِجو جنھن پاڻ رحم نہ ڪيو آھي، تنھن جو انصاف بيرحميءَ سان ٿيندو. پر رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.
14. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آھي،“ پر ھن کي عمل نہ ھجي، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اھڙو ايمان ھن کي بچائي ٿو سگھي؟
15. فرض ڪريو تہ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ لڱين اگھاڙو آھي ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آھي.
16. ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟