يعقوب 2:10-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ساري شريعت تي عمل ڪري ٿو، پر رڳو ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ خطا ٿو ڪري تہ اھو ساري شريعت جي ڀڃڪڙي ڪري ڏوھي ٿيو.

11. ھن ڪري جو جنھن چيو آھي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنھن ھيئن بہ چيو آھي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏھن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو ڏوھاري ٿي چڪين.

12. اوھان جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھلت چلت انھن ماڻھن وانگر ھجي، جن جو آزادي ڏيندڙ شريعت جي وسيلي انصاف ٿيڻو آھي.

13. ڇالاءِ⁠جو جنھن پاڻ رحم نہ ڪيو آھي، تنھن جو انصاف بي⁠رحميءَ سان ٿيندو. پر رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.

14. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آھي،“ پر ھن کي عمل نہ ھجي، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اھڙو ايمان ھن کي بچائي ٿو سگھي؟

15. فرض ڪريو تہ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ لڱين اگھاڙو آھي ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آھي.

16. ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟

17. ساڳيءَ طرح ايمان جيڪڏھن عمل کان سواءِ آھي تہ اھو پنھنجو پاڻ ئي مئل آھي.

18. پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“

19. تون ايمان ٿو آڻين تہ خدا ھڪڙو آھي، ٺيڪ آھي. اھا ڳالھہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اھي ڏڪن بہ ٿا.

20. پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟

21. ڇا اسان جو پيءُ ابراھيم عمل جي ڪري سچار نہ بڻايو ويو، جڏھن ھن پنھنجي پٽ اسحاق کي قربان⁠گاھہ تي نذر ٿي ڪيو؟

22. ھاڻي تون سمجھي ٿو سگھين تہ ابراھيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل ٿيو.

يعقوب 2