مڪاشفو 9:18-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. اُھي ٽيئي آفتون يعني باھہ، دونھون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي منھن مان پئي نڪتيون، تن انسانن جو ٽيون حصو ماري ڇڏيو.

19. انھن گھوڙن جو زور سندن واتن ۽ پڇن ۾ ھو، ڇالاءِ⁠جو انھن جا پڇ نانگن جھڙا ھئا ۽ انھن پڇن ۾ سسيون بہ ھيون جن سان ھنن ايذاءُ ٿي رسايو.

20. جيڪي ماڻھو باقي بچيا جن کي انھن آفتن نہ ماريو، تن نہ توبھہ ڪئي ۽ نڪي ھنن پنھنجن بڻايل بتن کي ڇڏيو. اُھي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺھيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيتوڻيڪ اھڙيون شيون نہ ڏسي سگھن ٿيون، نہ ٻڌي سگھن ٿيون ۽ نڪي گھمي ڦري سگھن ٿيون.

21. انھيءَ کان سواءِ ھنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبھہ نہ ڪئي.

مڪاشفو 9