مڪاشفو 9:1-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان زمين تي ھڪ تارو ڪريل ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاھہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.

2. ھُن اوڙاھہ واري کڏ کولي تہ اُن مان وڏي کُوري وانگر دونھون نڪرڻ لڳو. انھيءَ کڏ جي دونھين جي ڪري سج ۽ ھوا اونداھا ٿي پيا.

3. اُن دونھين مان زمين تي مڪڙ نڪري آيا ۽ کين ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري زمين جي وِڇُن کي آھي.

4. انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“

5. مڪڙن کي اھو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انھن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مھينن تائين عذاب ڏيندا رھن. ھنن جو عذاب اھڙو ھو جھڙو وِڇُونءَ جو ماڻھن کي ڏنگڻ.

6. انھن ڏينھن ۾ ماڻھو موت کي ڳوليندا پر لھي نہ سگھندا، ھو مرڻ چاھيندا پر موت کانئن پيو ڀڄندو.

7. اھي مڪڙ ائين نظر اچي رھيا ھئا، جھڙا جنگ لاءِ تيار ڪيل گھوڙا. انھن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جھڙا تاج ھئا ۽ سندن منھن انسانن جھڙا ھئا.

8. انھن جا وار عورتن جھڙا ھئا ۽ سندن ڏند شينھن جي ڏندن جھڙا ھئا.

9. انھن وٽ لوھہ جھڙيون زرھون ھيون ۽ سندن پرن جي آواز مان ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاھي پيا ھجن.

10. انھن جا پڇ ۽ ڏنگ وِڇن جھڙا ھئا ۽ انھن جي پڇن ۾ ماڻھن کي پنجن مھينن تائين ايذاءُ رسائڻ جي طاقت ھئي.

11. اوڙاھہ وارو ملائڪ انھن جو بادشاھہ ھو. انھيءَ جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آھي، جن جي معنيٰ آھي ”ناس ڪندڙ.“

12. پھرين مصيبت گذري ويئي، پر ٻہ ٻيون مصيبتون اڃا باقي آھن، جيڪي ھن کان پوءِ اينديون.

مڪاشفو 9