مڪاشفو 8:4-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. اھو لوبان جو دونھون خدا جي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ ملائڪ جي ھٿان مٿي ويو، جيڪو خدا جي آڏو بيٺو آھي.

5. پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربان⁠گاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.

6. تنھن کان پوءِ جن ستن ملائڪن وٽ ست توتارا ھئا، تن اُھي وڄائڻ جي تياري ڪئي.

7. پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.

8. ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باھہ سان ٻرندڙ ھڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.

9. سمنڊ جي مخلوق جو ٽيون حصو مري ويو ۽ جھازن جو بہ ٽيون حصو تباھہ ٿي ويو.

10. جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.

11. انھيءَ تاري جو نالو ”گوماندر“ آھي، جنھن سان پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪڙو ٿي پيو ۽ پاڻي ڪڙي ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا.

12. چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو.

13. پوءِ مون آسمان جي وچ ۾ ھڪڙي عقاب کي اڏامندي ڏٺو ۽ کيس وڏي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آھن ۽ جڏھن اُھي وڄايا ويندا تہ زمين تي رھڻ وارن تي ڪيڏو نہ افسوس ٿيندو، ھا افسوس صد افسوس.“

مڪاشفو 8