1. انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.
2. پوءِ مون ھڪ ٻئي ملائڪ کي زندہ خدا جي مُھر کنيو اڀرندي کان مٿي ايندي ڏٺو ۽ جن چئن ملائڪن کي اھو اختيار ڏنو ويو ھو تہ اھي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انھيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ
3. ”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“
4. مون ٻڌو تہ جن کي مُھر ھنئي ويئي، تن جو تعداد ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ھو. اھي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن مان ھئا، يعني:
5. يھوداہ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي،روبن جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،گد جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،
6. آشر جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،منسيءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،
7. شمعون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،لاويءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،اِسڪار جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،
8. زبولون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،يوسف جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي.
9. انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.