15. دنيا جا بادشاھہ، حاڪم، وڏا سردار، دولتمند ۽ پھلوان، سڀيئي ٻانھا ۽ آزاد ماڻھو غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪا.
16. اھي جبلن ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي نظر کان ۽ گھيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو.
17. ڇاڪاڻتہ انھن جي ڪاوڙ جو زبردست ڏينھن اچي پھتو آھي، ڪير ٿو بيھي سگھي؟“