مڪاشفو 5:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو.

2. مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي ڏٺو، جنھن وڏي واڪي سان ھي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آھي جيڪو ھن ڪتاب جي کولڻ ۽ انھيءَ جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق ھجي؟“

3. پر ڪوبہ شخص آسمان ۾، يا زمين تي، يا زمين جي ھيٺان انھيءَ ڪتاب کي کولي يا ان ۾ نھاري نہ ٿي سگھيو.

4. آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ انھيءَ ڪتاب کي کولڻ يا اُن ۾ نھارڻ جي لائق نہ نڪتو.

5. تڏھن بزرگن مان ھڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ، ڏس، ھو يھوداہ قبيلي جو شينھن جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ غالب پيو آھي، سو ئي انھيءَ ڪتاب کي کولي ۽ ستن ئي مُھرن کي ٽوڙي ٿو سگھي.“

مڪاشفو 5