مڪاشفو 4:8-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ”قدوس، قدوس، قدوس،خداوند خدا قادرِمطلق،جيڪو آھي، جيڪو ھو۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“

9. جڏھن اھي ساھوارا انھيءَ جي تعظيم، عزت ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳائين ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو،

10. تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ

11. ”اي اسان جا خداوند ۽ خدا!تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين،ڇالاءِ⁠جو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون۽ وجود ۾ آيون.“

مڪاشفو 4