16. پر اوھين نہ گرم نڪي ٿڌا، بلڪ نيم گرم آھيو. تنھنڪري آءٌ اوھان کي پنھنجي وات مان ٿوڪاري ڇڏيندس.
17. اوھين چئو ٿا تہ اسين دولتمند آھيون ۽ گھڻي دولت گڏ ڪئي اٿئون ۽ ڪنھن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ اٿئون. پر اوھان کي اھا خبر ڪانھي تہ اوھين بدبخت، ڏکيا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آھيو.
18. تنھنڪري آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باھہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ پاڪ صاف پوشاڪ بہ وٺو تہ پنھنجي اوگھڙ ڍڪي سگھو ۽ شرمسار نہ ٿيو. پنھنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.
19. آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہتائب ٿيو.
20. ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.
21. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.
22. جنھن کي ڪن آھن، سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.“