1. پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِحيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،
2. انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.