مڪاشفو 21:13-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. ٽي دروازا اڀرندي ڏانھن ھئا، ٽي دروازا اتر ڏانھن، ٽي دروازا ڏکڻ ڏانھن ۽ ٽي دروازا الھندي ڏانھن ھئا.

14. انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا.

15. جنھن ملائڪ مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙي سوني لٺ ھئي، جنھن سان ھو شھر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڀت کي ماپي سگھي.

16. اھو شھر چوڪنڊو ھو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر ھڪ جيتري ھئي. ھُن انھيءَ لٺ سان شھر جي ماپ ڪئي تہ اھو ٻارھن ھزار فرلانگ ٿيو. اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي ھڪ جيتري ھئي.

17. ملائڪ شھر جي ڀت جي ماپ ڪئي تہ اُھا ھڪ ⁠سؤ چوئيتاليھہ ھٿ ٿي، اھا ماپ انساني ھٿ جي مطابق آھي.

18. شھر جي ڀت زبرجد جي ٺھيل ھئي ۽ شھر خالص سون جو ٺھيل ھو ۽ شيشي جھڙو صاف ۽ شفاف ھو.

19. شھر جي ڀت جا بنياد ھر قسم جي ھيرن جواھرن سان سينگاريل ھئا. پھريون بنياد زبرجد جو ھو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شب چراغ جو، چوٿون زمرد جو،

20. پنجون عقيق جو، ڇھون لعل جو، ستون سونھري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏھون لاجورد جو، يارھون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارھون ياقوت جو ھو.

21. شھر جا ٻارھن ئي دروازا موتين جا ھئا ۽ ھر ھڪ دروازو ھڪ ھڪ موتيءَ جو ھو. شھر جي سڙڪ خالص سون جي ھئي ۽ شيشي جھڙي صاف ھئي.

22. مون شھر ۾ ڪوبہ ھيڪل ڪونہ ڏٺو، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا قادرِمطلق ۽ گھيٽو ئي سندس ھيڪل آھي.

23. انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.

24. انھيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ دنيا جا بادشاھہ منجھس پنھنجو شان وَ شوڪت آڻيندا.

25. شھر جا دروازا ڏينھن جو ڪڏھن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اُتي ٿيندي ئي ڪانہ.

26. ماڻھو انھيءَ ۾ قومن جو شان وَ شوڪت ۽ عزت آڻيندا.

27. پر انھيءَ شھر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جھڙو ڪم ڪندڙ ھرگز داخل ٿي نہ سگھندو ۽ رڳو اھي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو گھيٽي جو آھي.

مڪاشفو 21