1. پوءِ مون ھڪڙو نئون آسمان ۽ ھڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇالاءِجو پھريون آسمان ۽ پھرين زمين ڪانہ رھي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ ھو.
2. مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي.
3. مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو.
4. ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِجو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“
5. جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ ھن چيو تہ ”لک، ڇالاءِجو اھي ڳالھيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آھن.“