17. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“
18. ”ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ خدا جو فرزند جنھن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنھن جا پير صاف ٿيل پتل جھڙا آھن،
19. سو چوي ٿو تہ مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي پيار ۽ ايمان، خدمت ۽ صبر جي خبر آھي. آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جا پويان ڪم پھرين کان وڌيڪ آھن.
20. پر مون کي اوھان جي باري ۾ ھي چوڻو آھي تہ اھا عورت اِيزبل، جيڪا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنھن کي اوھين برداشت ڪريو ٿا، جيتوڻيڪ اھا منھنجي ٻانھن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراھہ ٿي ڪري.
21. مون انھيءَ کي مھلت ڏني تہ توبھہتائب ٿئي، پر ھوءَ پنھنجي زناڪاريءَ کان توبھہ ڪرڻ نہ ٿي چاھي.
22. ڏسو، آءٌ ھن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن سي جيڪڏھن پنھنجن ڪمن کان توبھہ نہ ڪندا تہ کين بہ وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس.
23. آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.
24. پر اوھان ٿواتيرہ جا باقي ماڻھو، جيڪي انھيءَ تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ انھن ڳالھين کان اڻڄاڻ آھيو جن کي شيطان جون اونھيون ڳالھيون ٿا چون، آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس.
25. پر جيڪي اوھان کي مليو تنھن کي سوگھو جھليو جيستائين آءٌ اچان.
26. جيڪو غالب پوندو ۽ منھنجي مرضيءَ مطابق توڙ نڀائيندو، تنھن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،
27. جيئن مون کي پنھنجي پيءُ کان اختيار مليل آھن. ھو لوھہ جي لٺ سان انھن تي حڪم ھلائيندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَ وانگر ڀڃي ڀورا ڪندو.
28. آءٌ ھن کي صبح جو چمڪندڙ تارو ڏيندس.
29. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.“