مڪاشفو 19:6-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف،ڇالاءِ⁠جو خداوند اسان جو خداجيڪو قادرِمطلق آھي،سو بادشاھي ٿو ڪري.

7. اچو تہ اسين خوش ٿيون،۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون،ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.

8. انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙاپائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن.ڇاڪاڻ⁠تہ عمدن ڪپڙن مان مرادخدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“

9. ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“

10. آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“

11. پوءِ مون کي آسمان کليل نظر آيو، جنھن ۾ مون ھڪ اڇو گھوڙو ڏٺو ۽ انھيءَ تي جيڪو سوار ھو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آھي. ھو سچائيءَ سان انصاف ۽ جنگ ڪري ٿو.

12. ھن جون اکيون ڄڻ تہ باھہ جا شعلا آھن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آھن. ھن تي ھڪڙو نالو لکيل آھي، جيڪو انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.

13. ھن جي پوشاڪ رت سان ڀريل آھي ۽ سندس نالو خدا جو ڪلام آھي.

14. آسمان جون فوجون اڇن گھوڙن تي سوار، اڇيون، پاڪ صاف ۽ عمديون پوشاڪون پھري، سندس پٺيان پئي آيون.

15. ھن جي وات مان ھڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن ھو قومن کي ماري. ھو مٿن لوھہ جي لٺ سان حڪومت ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ ڊاک کي لتاڙيندو.

16. ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“

17. ان کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ سج تي بيٺل ڏٺو، جنھن وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ ”اچو ۽ خدا جي وڏي دعوت ۾ شامل ٿيو،

18. تہ جيئن اوھين بادشاھن، سپھہ⁠سالارن، سپاھين، گھوڙن ۽ انھن جي سوارن ۽ سڀني ماڻھن، آزادن توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن جو گوشت کائو.“

19. پوءِ مون انھيءَ حيوان، دنيا جي بادشاھن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انھيءَ گھوڙي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا.

مڪاشفو 19