3. ڇالاءِجو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪريسڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن،۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي.دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪريدولتمند ٿي پيا.“
4. پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو،تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو.متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي.
5. ڇالاءِجو انھيءَ جا گناھہ آسمان تائين وڃي پھتا آھن،۽ خدا کي ھن جون بدڪاريون ياد آھن.
6. جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس.جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.
7. جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو۽ عيش عشرت ڪيائين،اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو.ڇالاءِجو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان.آءٌ رنزال نہ آھيان،۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘
8. انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار.اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي،ڇالاءِجو خداوند خدا،جيڪو ھن جو انصاف ڪندوسو قادر آھي.“