مڪاشفو 18:1-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ان کان پوءِ مون ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لھندي ڏٺو، جنھن کي وڏو اختيار مليل ھو ۽ سندس جلوي جي ڪري زمين روشن ٿي ويئي.

2. ھن وڏي آواز سان چيو تہ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو.اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو.ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو،بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.

3. ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪريسڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن،۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي.دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪريدولتمند ٿي پيا.“

4. پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو،تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو.متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي.

5. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جا گناھہ آسمان تائين وڃي پھتا آھن،۽ خدا کي ھن جون بدڪاريون ياد آھن.

6. جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس.جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.

7. جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو۽ عيش عشرت ڪيائين،اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو.ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان.آءٌ رن⁠زال نہ آھيان،۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘

8. انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار.اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي،ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا،جيڪو ھن جو انصاف ڪندوسو قادر آھي.“

9. دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.

10. اُھي انھيءَ جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي بابل، وڏا ۽ مضبوط شھر! تو کي رڳو ھڪڙي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آھي.“

11. دنيا جا سوداگر ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇالاءِ⁠جو سندن مال وري ڪوبہ خريد نہ ڪندو.

12. يعني سندن سون، چاندي، ھيرا جواھرات، موتي، عمدو ڪپڙو، واڱڻائي، ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، سڀ سرھيون ڪاٺيون، عاج، تمام قيمتي ڪاٺ، پتل، لوھہ ۽ سنگمرمر مان ٺھيل ھر قسم جون شيون،

13. دالچيني، مصالحا، خوشبوءِ، عطر، لوبان، مئي، تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ انسانن جون جانيون ۽ ساھہ.

مڪاشفو 18