4. اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ڇالاءِجو رڳو تون ئي پاڪ آھين.سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون،ڇالاءِجو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“
5. انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ مقدس خيمي جي مقدس ترين جاءِ کليل نظر آئي.
6. انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا.
7. پوءِ انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي انھن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي سدائين زندہ خدا جي غضب سان ڀريل ھئا.
8. اھو ھيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونھين سان ڀرجي ويو ۽ جيستائين انھن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ انھيءَ ھيڪل ۾ گھڙي نہ ٿي سگھيو.