18. پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربانگاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِجو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“
19. انھيءَ ملائڪ زمين تي پنھنجو ڏاٽو ھلايو ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انھيءَ وڏي حوض ۾ وڌا، جنھن جو نالو آھي خدا جو غضب.
20. شھر کان ٻاھر انھيءَ حوض ۾ ڊاک پيڙي ويئي ۽ انھيءَ مان ايترو تہ رت نڪتو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پھتو ۽ ٽي سؤ ڪلوميٽرن تائين وھي ھليو.