10. خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،
11. جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“
12. آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن اھو ڏسي سگھان جنھن مون سان ٿي ڳالھايو، تڏھن مون ست سونا شمعدان ڏٺا.
13. انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابنآدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس.