مرقس 7:1-4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. فريسي ۽ ڪي شريعت جا عالم، جيڪي يروشلم کان آيا ھئا سي سڀ عيسيٰ سان اچي مليا.

2. انھن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پليت ھٿن يعني اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان ماني کائين ٿا پيا.

3. جڏھن تہ فريسي ۽ سڀ يھودي پنھنجن وڏن جي رسم موجب، جيستائين پنھنجا ھٿ پنھنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آھن،

4. ۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ.

مرقس 7