5. عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو.
6. انھن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو.پوءِ عيسيٰ چوطرف سڀني ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.
7. ھن پنھنجن ٻارھن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين ٻن ٻن جي ٽولي ۾ روانو ڪيائين. انھن کي اختياري ڏنائين تہ ماڻھن مان ڀوت ڪڍين،
8. ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”اوھين پاڻ سان نڪا ماني، نڪو ٻاچڪو، نڪي ھڙ ۾ پيسو يا ٻيو ڪجھہ کڻجو پر سفر ۾ رڳو لٺ کڻجو.
9. رڳو چاکڙيون پائجو ۽ ٻيو ڪوبہ فالتو پھراڻ پاڻ سان نہ کڻجو.“
10. عيسيٰ کين اھو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃو تہ جنھن گھر ۾ اوھين داخل ٿيو تنھن ۾ ايستائين ٽڪي پئجو، جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو.
11. جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“
12. پوءِ اھي روانا ٿي ويا ۽ ماڻھن ۾ وڃي تبليغ ڪيائون تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو.“
13. ھنن ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.
14. گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻتہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“
15. ٻيا وري چون پيا تہ ”ھو الياس نبي آھي.“ ڪي چون پيا تہ ”ھو اڳين نبين جھڙو ھڪ نبي آھي.“
16. جڏھن ھيروديس ھي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آھي. مون تہ ھن جي سسي لھرائي ڇڏي ھئي، پر ھو وري جيئرو ٿيو آھي.“
17. ھيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. ھن اھو ڪم ھيرودياس جي چوڻ تي ڪيو ھو، جنھن سان ھن شادي ڪئي ھئي، جيتوڻيڪ اھا سندس ڀاءُ فلپس جي زال ھئي.
18. يحيٰ ھيروديس کي چيو ھو تہ ”اوھان لاءِ اھو جائز نہ آھي جو اوھين پنھنجي ڀاءُ جي زال سان شادي ڪريو.“
19. تنھنڪري ھيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي ھئي ۽ يحيٰ کي مارائڻ گھري پيئي. پر ھوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي،
20. ڇاڪاڻتہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.
21. نيٺ ھيرودياس کي وجھہ ملي ويو. ھيروديس پنھنجي جنم جي ڏينھن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻھن جي دعوت ڪئي ھئي.