48. ھن ڏٺو تہ واءُ سامھون گھلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنھنڪري ھو رات جي پوئين پھر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انھن وٽان لنگھيو.
51. پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بيھجي ويو. شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا.
52. اھي مانين واري ڳالھہ نہ سمجھي سگھيا ھئا، ڇالاءِجو اھا ھنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي ھئي.
53. اھي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پھتا ۽ ٻيڙيءَ جا پڳھہ ٻڌي ڇڏيائون.
54. جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو.
55. پوءِ اھي ماڻھو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جتي لاءِ بہ ٻڌائون تہ عيسيٰ آيو آھي اتي پنھنجا بيمار ماڻھو کٽولن تي کڻي پئي آندائون.
56. عيسيٰ ڳوٺن، شھرن ۽ واھڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ ماڻھن پنھنجا بيمار بازارن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مھرباني ڪري بيمار کي رڳو پنھنجي دامن تي ھٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ ھٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.