مرقس 6:41-52 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

41. تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون.

42. ھر ھڪ ماڻھوءَ کائي ڍءُ ڪيو.

43. پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

44. جن ماني کاڌي تن جو تعداد پنج ھزار مرد ھو.

45. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر بيت⁠صيدا شھر ڏانھن وڃو.“ ھن ماڻھن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي.

46. شاگردن کان موڪلائي پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو.

47. شام جو ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ پھتي جڏھن تہ عيسيٰ اڪيلو سڪيءَ تي ھو.

48. ھن ڏٺو تہ واءُ سامھون گھلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنھنڪري ھو رات جي پوئين پھر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انھن وٽان لنگھيو.

51. پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بيھجي ويو. شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا.

52. اھي مانين واري ڳالھہ نہ سمجھي سگھيا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھا ھنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي ھئي.

مرقس 6