مرقس 6:32-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

32. سو ھو ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڪنھن نويڪليءَ جاءِ ڏانھن روانا ٿي ويا.

33. تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي ماڻھن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اھي سڀيئي پيرين پيادا شھرن مان نڪري پيا ۽ ھنن کان بہ اڳي انھيءَ جاءِ تي وڃي پھتا.

34. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو.

35. جڏھن سج گھڻو لڙي ويو، تڏھن شاگرد گڏجي عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ اسين ھتي سڃ ۾ آھيون.

36. سو ھنن ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسي⁠پاسي جي ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“

37. پر عيسيٰ چين تہ ”اوھين ئي ھنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏھن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوھان جي مرضي آھي تہ اسين وڃي ٻن سَوَن چانديءَ جي سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ ھنن کي کارايون؟“

38. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“

39. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن ماڻھن کي قطار ۾ ھيٺ سائي گاھہ تي وھاريو.“

40. تنھن تي اھي ماڻھو ⁠سؤ ⁠سؤ ۽ پنجاھہ پنجاھہ جون ٽوليون ٺاھي ويٺا.

41. تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون.

42. ھر ھڪ ماڻھوءَ کائي ڍءُ ڪيو.

43. پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

44. جن ماني کاڌي تن جو تعداد پنج ھزار مرد ھو.

مرقس 6