19. تنھنڪري ھيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي ھئي ۽ يحيٰ کي مارائڻ گھري پيئي. پر ھوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي،
20. ڇاڪاڻتہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.
21. نيٺ ھيرودياس کي وجھہ ملي ويو. ھيروديس پنھنجي جنم جي ڏينھن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻھن جي دعوت ڪئي ھئي.
22. ھيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري ھيروديس ۽ سندس مھمانن کي خوش ڪيو. بادشاھہ انھيءَ نينگريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“
23. ھن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏھن بادشاھت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“
24. تنھن تي ھوءَ ٻاھر نڪري ويئي ۽ وڃي پنھنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ ھن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“
25. تنھن تي نينگري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي بادشاھہ کي چيائين تہ ”مون کي ھاڻي جو ھاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ آڻي ڏيو.“
26. ھن ڳالھہ ھيروديس بادشاھہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر ھو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ھن مھمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو.
27. تنھنڪري بادشاھہ چوبدار کي موڪليو تہ ”جلدي يحيٰ جي سسي لاھي کڻي اچ.“ چوبدار روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يحيٰ جي سسي لاٿائين.
28. پوءِ ھن اھا سسي ھڪ ٿالھہ ۾ رکي نينگريءَ کي ڏني، جنھن اھا کڻي پنھنجي ماءُ کي ڏني.
29. جڏھن يحيٰ جي شاگردن ھي ٻڌو تہ ھنن اچي لاش ورتو ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيائون.
30. رسول عيسيٰ وٽ واپس اچي گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا ھئائون ۽ ماڻھن کي جيڪا تعليم ڏني ھئائون، تنھن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.