مرقس 5:23-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

24. تنھن تي عيسيٰ ان سان گڏجي ھليو تہ ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھلڻ لڳو ۽ ماڻھو عيسيٰ تي ڳاھٽ پئي ٿيا.

25. اتي ھڪڙي عورت ھئي، جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو.

26. ھن ڪيترن ئي طبيبن کي پاڻ ڏيکاريو ھو ۽ جيڪابہ پنھنجي ميڙي چونڊي ھيس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي ھئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو ھو، پر اٽلندو وڌيڪ عليل ٿيندي پئي ويئي.

27. جڏھن انھيءَ عورت عيسيٰ بابت ڳالھيون ٻڌيون تہ ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ عيسيٰ جي ڪپڙن کي ھٿ لاتائين،

28. ڇالاءِ⁠جو ھوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏھن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ ھٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“

29. پوءِ جلد ئي سندس رت وھڻ بند ٿي ويو ۽ ھوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

30. ايتري ۾ عيسيٰ محسوس ڪيو تہ ”مون مان قدرت نڪتي آھي.“ سو ميڙ ڏانھن ڦري چيائين تہ ”منھنجي دامن کي ڪنھن ھٿ لاتو آھي؟“

مرقس 5