12. تہ جيئن:’اھي نھاريندي نھاريندي بہ نہ ڏسن،ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن،تہ متان انھن جون دليونخدا جي طرف ڦري پون۽ ھو کين بخشي ڇڏي.‘“
13. پوءِ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين ھي مثال نہ ٿا سمجھو؟ تہ پوءِ اوھين ٻين مثالن جو مطلب ڪيئن سمجھندا؟
14. ٻج ڇٽيندڙ خدا جو ڪلام پوکي ٿو.
15. ڪنھن وقت ڪلام رستي تي ڪري ٿو، يعني اھي ماڻھو جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اھي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انھن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.
16. ٻيا ماڻھو ان ٽڪر مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا،
17. پر اھو انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏھن ڪلام جي ڪري مٿن ڪا مصيبت يا تڪليف اچي ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.
18. ٻيا ماڻھو انھن ڪانڊيرن مثل آھن جن ۾ ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام تہ ٻڌن ٿا،
19. پر دنيا جو فڪر، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواھشون سندن دل ۾ گھڙي ڪري ڪلام کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.
20. ٻيا ماڻھو ان ڀلي زمين مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ اھي ٽيھوڻو، سٺوڻو ۽ سوءڻو ڦر جھلين ٿا.“
21. عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”ڇا اوھين ڏيئو ٻاري ڍڪڻ يا کٽوليءَ جي ھيٺان آڻي رکندا آھيو؟ نہ، پر اھو ڏياٽيءَ تي آڻي رکندا آھيو.
22. مطلب تہ اھڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آھي جيڪا ظاھر نہ ٿئي ۽ اھڙي ڪابہ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿئي.
23. جيڪڏھن اوھان کي ڪن آھن تہ ٻڌي ڇڏيو.“
24. عيسيٰ اھو بہ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ ٻڌو ٿا تنھن تي ڌيان ڏيو، ڇالاءِجو جنھن ماپي سان اوھين ماپي ڏيندا تنھن ئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.
25. ڇالاءِجو جنھن وٽ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ نہ آھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.“
26. عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.
27. ھو رات جو سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو جاڳي ٿو ۽ ٻج اھڙيءَ طرح ڦٽي ھلي ٿو جو ھن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.
28. زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.
29. پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِجو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“
30. عيسيٰ چيو تہ ”اسين خدا جي بادشاھت کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪھڙو مثال ڏيون؟