مرقس 4:1-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.

2. عيسيٰ انھن کي ڪيترين ئي ڳالھين سيکارڻ لاءِ مثال پئي ڏنا ۽ تعليم ڏيندي چيائين تہ

3. ”ٻڌو، ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو.

4. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.

5. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ ھئي سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري

6. جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. جيئن ⁠تہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري اھي سڪي ويا.

7. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انھن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو.

8. ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اھي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيھہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا بہ ڦر ھو.“

9. عيسيٰ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

10. عيسيٰ جڏھن نويڪلو ٿيو تہ سندس پوئلڳن ۽ ٻارھن شاگردن گڏجي مثالن بابت سوال ڪيس.

11. ھن انھن کي چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آھي. پر جيڪي منھنجا پوئلڳ نہ آھن تن کي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،

12. تہ جيئن:’اھي نھاريندي نھاريندي بہ نہ ڏسن،ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن،تہ متان انھن جون دليونخدا جي طرف ڦري پون۽ ھو کين بخشي ڇڏي.‘“

مرقس 4