مرقس 3:30-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. عيسيٰ اھو انھيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي.“

31. ايتري ۾ عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر اچي پھتا ۽ ٻاھر بيھي عيسيٰ کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليائون.

32. جيڪي ميڙ عيسيٰ جي چوگرد ويٺا ھئا تن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا اوھان کي سڏين ٿا.“

33. ھن پڇيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ ڀائر ڪير آھن؟“

34. پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا ھئا تن ڏانھن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”اِجھا، ھيءَ آھي منھنجي ماءُ ۽ اِجھي، ھي آھن منھنجا ڀائر،

35. ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ خدا جي مرضيءَ موجب ھلندو سو منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“

مرقس 3